خانقاهه شريف ڪونجيلي

خانقاهه شريف ڪونجيلي: ديهه ڪونجيلي تعلقي عمرڪوٽ ۾ ٿرواهه جي اترئين پاسي حاجي رحمة الله جي خانقاهه ۾ موجود آهي. حاجي رحمة الله پاڻ ڪوئيٽا جي مشهور درويش چشمي واري بزرگ کان فيض يافته هو. وڏو سخي مرد ۽ ناري جو نواب هو. تنهنڪري سندن خانقاهه هر وقت آباد رهندي هئي. پير سائين پاڳاري جا ڪيترا مريد سندس ارادت جي حلقي ۾ داخل ٿي ويا، جنهنڪري ڪنهن جي چرچ تي رحيم هنڱوري هن خانقاهه تي حملو ڪيو، جنهن ۾ هن بزرگ سميت 18 ڄڻا شهيد ٿي ويا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو